ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ۾ شامل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان اِن فٽ ٿيڻ سبب سيريز ۽ زمبابوي ٽور مان ٻاهر ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيت بورڊ(پي سي بي) جو چوڻ آهي ته شاداب خان کي پير ۾ ڌڪ لڳو آهي، جنهن سبب ڊاڪٽر کيس 4 هفتن لاءِ آرام جو مشورو ڏنو آهي، هو ڏکڻ آفريڪا خلاف جاري ۽ زمبابوي خلاف ايندڙ سيريز ۾ ٽيم کي موجود نه هوندو. پي سي بي جو چوڻ آهي ته شاداب کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻئي ون ڊي دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، کيس کاٻي پير ۾ فريڪچر ٿيو آهي. ڪرڪيٽ بورڊ ٻڌايو ته شاداب خان 4 هفتا آرام ڪندو، جنهن سبب هو هاڻ ٻنهي ايونٽس ۾ شريڪ نه ٿي سگهندو.