سڳيون (ن پ ا) سڳيون ۽ ڀرپاسي بدامنيءَ جي ستايل علائقي واسين پاران ڪالهه ٻئي ڏينهن به پوليس خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڳوٺاڻن جاويد حسين، اعجاز هرياھ، غلام مرتضيٰ، ارسلان، حميد، قاسم هرياھ، شهزاد آرائين، يونس آرائين، امتياز، نعيم، ستار هرياھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي سڳيون- ھڱورجا لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته سڳيون ۽ ڀرپاسي چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن پر سوڀوديرو ۽ سڳيون پوليس بدامني ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. بدامنيءَ سبب علائقي واسي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته سڳيون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني تي ضابطو آڻي رهواسين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ڊي ايس پي سوڀوديرو سعيد احمد ڀيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.