سڳيون (ن پ ا) سڳيون جي ڪچي واري علائقي منگي ماڙي ٿاڻي جي حد ڪيٽي منگي ماڙي ۾ سيال برادري جي دلي جان سيال ۽ محمد چنا جي ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي   دوران فائرنگ ۾ 50 ورهين جو  گلبهار سيال ٿڏي تي قتل ٿي ويو، ان حوالي سان مقتول جي ڀاءُ دلي جان سيال ٻڌايو ته  چنا برادري جا ماڻهو اسان جو جهنگ ۾ چرندڙ چوپايو مال هٿيارن جي زور تي ڪاهي وڃي رهيا هئا ته اسان جي ڀاءُ گلبهار سيال مذاحمت ڪئي، جنهن تي هٿياربندن  سڌي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مقتول ڳوٺاڻي جو لاش سوڀوديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن چنا برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سيال برادري جا ماڻهو اسان جو چوپايو مال زبردستي ڪاهي وڃي رهيا هئا ته جهڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هي واقعو پيش آيو آهي. ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو،  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.