هراري (اسپورٽس نيوز) سڪندر رضا ۽ انوسينٽ ڪائي جون سينچريون، زمبابوي پهرين ون ڊي ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ان سلسلي ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 303 رنز ٺاهيون. لٽن داس 81 رنز تي رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو، جڏهن ته انعام الحق 73، تميم اقبال 62 ۽ مشفيق رحيم 52 رنز ٺاهي نمايان رهيا. زمبابوي طرفان سڪندر رضا ۽ وڪٽر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. زمبابوي 48.2 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪيو. انوسينٽ ڪائي 110 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سڪندر رضا 6 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 135 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. سڪندر رضا کي بهترين اننگ کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.