سڪرنڊ ۾ ڳوٺ خالي ڪرائڻ پهتل پوليس جو گهيراءُ

0
356

سڪرنڊ ڀرسان پوليس اٽالن سنڌوءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺاڻا لٺيون کڻي مزاحمت لاءِ نڪري آيا

ڊي ايس پي سڪرنڊ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن سميت ڳوٺ الهداد چانڊيو پهتو، ليڊيز پوليس به موجود آهي

اي سي سڪرنڊ، مختيارڪار ۽ روينيو کاتي جا ٻيا عملدار به موجود آهن، ڳوٺاڻا مزاحمت لاءِ ڏنڊا کڻي نڪري آيا، جڏهن ته عورتون به مزاحمت سان گڏ احتجاج ڪري رهيون آهن

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سئو سال کان هتي آباد آهيون، وڏيري نظر محمد انڙ ۽ سندس ڀائرن جي چرچ تي ڳوٺ خالي ڪرايو پيو وڃي

هنن دانهيو ته ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ قبضي جي ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي آفيس تي ٻيهر ڇاپا، اهم رڪارڊ هٿ

موٽروي ميگا اسڪينڊل، ڊي سي آفيس مٽياري جو ٻيهر گهيرو