سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ  ۾ پراڻا هالا جي رھواسين غلام نبي سولنگي، لياقت علي، نوربانو، زينت، صاحبا، مينا سولنگي ۽ ٻين عورت جي مبينا اغوا خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي غلام نبي سولنگي الزام هنيو ته سندس زال ڪونج آر ايچ سي سينٽر تي  ڊيوٽي ڪندي ھئي جتان کيس روھي ميمڻ ۽ ان جي مڙس عمران ميمڻ نشو ڏئي کيس اغوا ڪري بهاول شاهه وٽ وڪرو ڪيو آهي، هن چيو ته هالا ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو، هن چيو ته گھر واري سان 2 پٽ 5 سالا دلبر ۽ 3 سالا غلام مصطفيٰ پڻ گڏ هئا جيڪي گم آهن، هن زال کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي،