سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ برسات متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن سھولتون نه ملڻ خلاف اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مسمات موران، نسرين، شاھدان، فريدان ۽ ٻين چيو ته برسات کي 2 مھينا گذري ويا آهن پر انتظاميا ھن وقت تائين پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، هنن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ ڪا به سھولت ناهي، گذريل ھڪ مھيني کان راشن نٿو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي نيڪال ڪرائي ٽينٽ سٽي ۾ سهولتون فراهم ڪيو وڃن.