سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ شھر جي مھراڻ ڪالوني واسي سينيٽري ورڪر نيامت مسيح ٽي ڏينھن اڳ نواب شاهه جي حيدر شاهه ڪالوني ۾ گٽر جي صفائي دوران بي ھوش ٿي ويو ھو جيڪو بعد ۾ نواب شاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ھو، فوتي جو لاش جڏھن سڪرنڊ جي مھراڻ ڪالوني سندس گھر پھتو ته سندس 9 ورھين جي معصوم نياڻي ايشل مسيح بي ھوش ٿي ڪري پئي جنھن کي ھوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي وئي پر پنھنجي پيءُ نيامت مسيح جو صدمو برداشت نه ڪري سگھي ۽ ھوءَ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. رابطو ڪرڻ تي سندس چاچي عاشر مسيح ٻڌايو ته منھنجي ڀائٽي 9 ورھين جي ايشل مسيح پنھنجي پيءُ نيامت مسيح سان بي انتها پيار ڪندي ھئي، جڏھن سندس والد جو لاش گھر پھتو ته معصوم ايشل پنھنجي پيءُ جي لاش کي چنبڙي روئڻ لڳي ۽ بي ھوش ٿي جنهن کي سڪرنڊ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جنهن اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.