سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ۾ شاگردياڻي تي موبائيل فون چوري ڪرڻ جو الزام، شاگردياڻي جو چوڻ آهي ته  سٽي پوليس انچارج گهر ۾ داخل ٿي چوري الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، اهلڪار چيو ته شڪ جي بنياد تي پڇاڳاڇا ڪئي، ڪنهن کي به گرفتار يا هراسان ناهي ڪيو، خبر موجب شھر جي مھراڻ ڪالوني واسڻ گرلز ڊگري ڪاليج جي بي اي سي پارٽ ٽو جي شاگردياڻي فضا شيخ سڪرنڊ پوليس جي سٽي انچارج صالح ڪلھوڙو خلاف دانھيندي الزام هنيو ته گذريل ڏينھن سٽي انچارج صالح ڪلھوڙو زبردستي گھر ۾ داخل ٿي مون مٿان موبائيل فون چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام هنيو ۽ تنگ ڪندي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، هن ٻڌايو ته اسان پاران دانھون ڪرڻ تي سٽي انچارج چيو ته مون وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج آهن ته موبائيل اوهان چوري ڪيو آهي، جنھن کانپوءِ فوٽيج چيڪ ڪيا ويا ته ان ۾ ڪا ٻي ڇوڪري نظر اچي رهي هئي، شاگردياڻي چيو ته ڄاڻايل سٽي انچارج مون مٿان چوري جو ڪوڙو الزام ھڻي هراسان ڪري منھنجو تعليمي مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل سٽي انچارج صالح ڪلھوڙو چيو ته  گھر مان چار لک ۽ موبائيل فون چوري ٿيو، اسان شڪ تحت وياسين، باقي گرفتاري ناھي ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن کي هراسان ڪيو آهي،