سڪرنڊ ۾ اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حمايت ڪرڻ تي پيرسن پورهيت تي وحشياڻو تشدد

0
162
سڪرنڊ ۾ اليڪشن ۾ آزاد

سڪرنڊ ڀرسان مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حمايت ڪرڻ تي پيرسن پورهيت کي مبينا طور وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

ڳوٺ ڪوڙو ڏيٿو ۾ بااثرن پيرسن يار محمد ڏيٿو کي ڪلاشنڪوف جا بٽ هڻي زخمي ڪيو ويو

متاثر الزام هنيو آهي ته بااثر وحيد راهو، عبدالشڪور راهو، رزاق خاصخيلي ڪلاشنڪوف جا بٽ هڻي زخمي ڪيو

زخمي پيرسن دانهيو آهي ته اليڪشن ۾ عبدالجبار ۽ عمران راهو جي تائيد ڪرڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو

هن ٻڌايو ته آزاد اميدوارن جي تائيد ڪندڙ علي شير راهو کي به ڪجهه ڏينهن اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ويوهو