سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ عيوض انڙ ۾ 4 ڏينهن اڳ زمين جي مامري تان انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾  جھيڙي دوران  زخمي ٿيل نوجوان محمد شريف انڙ  نوابشاهه اسپتال ۾ دم  ڏئي ڇڏيو آهي، نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ جھيڙي دوران هڪ   ئي ڌر جا 7 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. ان حوالي سان فوتي  محمد شريف جي وڏي ڀاءَ لياقت انڙ ٻڌايو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، منهنجي ڪونڌر ڀاءَ کي قتل ڪيو ويو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته اسان زمين تي ڪم ڪري رهيا هئاسين ته جوابدارن حملو ڪري اسان تي ڪهاڙين جا وار ڪيا، اڄ زخمي ڀاءُ دم ڏنو آهي، جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.  ٻي طرفسڪرنڊ پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.