سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ پوليس شاهي  بازار جي ريزڪي دڪان تي ڇاپو هڻي  سرڪاري يوٽيلٽي اسٽور جو کاڄرو آئل، کنڊ ۽ گيهه جا پيڪيٽ هٿ ڪري حسن جدون کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس مطابق اسان ڪيس داخل نه ٿا ڪري سگهون، ڪيس فوڊ اٿارٽي يا يوٽيلٽي اسٽور جا آفيسر پنهنجن ملازمن مٿان داخل ڪرائي سگهن ٿا.