سڪرنڊ (رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو وڏيري جو اوباش پٽ اسڪول ويندڙ 3 ڀينرن کي رستا روڪ ڪري تنگ ڪرڻ لڳو، تصويرون ڪڍي بيلڪ ميل ڪرڻ جون ڌمڪيون، نياڻين جو وارثن سان گڏجي احتجاج، خبر موجب ڳوٺ دليل ديرو واسي پورهيت جي اسڪول پڙهندڙ 3 نياڻين ڳوٺ جي وڏيري جي پٽ جي مبينا ظلم خلاف پنھنجي پيءُ سچل ملاح، ڀاءُ صديق ملاح ۽ چاچي عبدالمجيد ملاح سان گڏ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شاگردياڻين رضوانه، زليخا ۽ شائسته ملاح دانھيدي چيو ته اسان بينظير پبلڪ اسڪول نوابشاھه ۾ تعليم حاصل ڪري رھيون آھيون، اسان پنھنجي ڳوٺ دليل ديرو کان نوابشاهه اسڪول وڃون ٿيون ته ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ ڍڍو ملاح رستي ۾ بيھي تصويرون ڪڍي تنگ ڪندو رهي ٿو، جنهن ڪري اسڪول وڃڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، هنن چيو ته وڏيري جو پٽ مختلف بهانن سان بليڪ ميل ڪري پريشان ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته اسان اھڙي شڪايت وڏيري پوڙھو ملاح کي پڻ ڪئي آهي پر ھن پنھنجي پٽ کي منع ڪرڻ بدران اسان مٿان ڏمرجي اسان جي اسڪول وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته منھنجي پيءُ جو دوڪان بند ڪرائي ڇڏيو آھي، هنن چيو ته اھڙي قسم جي شڪايت حد جي ٿاڻي پنھل خان پوليس اسٽيشن تي ڏني پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي، ھنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن اسان پنهنجي تعليم جاري رکي سگهون.

سڪرنڊ: ميڊيا ۾ خبرون اچڻ بعد ڳوٺ جو وڏيرو پوڙھو خان ملاح معززن جي ميڙ وڍي شاگردياڻين جي گهر پهتو ۽ معافي گهري، ان موقعي تي وڏيري پوڙهي خان چيو ته غلطيون انسانن کان ٿينديون آهن، اسان جي پٽ کان به غلطي ٿي آهي، ان ڪري راڄ ڀاڳ ميڙ وٺي نياڻين جي گھر آيو آھيان، معاف ڪن يا فيصلو وٺن، مان فيصلو ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان، هن چيو ته منهنجو پٽ نشي ۾ ڌت هو، ان ڪري اڄ کان پوءِ هن شراب نه پيئڻ ۽ نياڻين کي تنگ نه ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، کيس هڪ ڀيرو معاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي نياڻين جي والد سچل ملاح ميڙ وٺي آيلن کي ڇيو ته اسان پنهنجي برادري جي گڏجاڻي گھرائي ان بعد جواب ڏينداسين، جنهن کانپوءِ وڏيرو ميڙ واپس وٺي ويو.

سڪرنڊ: پنھل خان پوليس اسٽيشن جي ايس ايچ او عبد الرشيد ميمڻ چيو ته اسڪول ويندڙ نياڻين کي تنگ ڪرڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ واري حرڪت برداشت نٿي ڪري سگهجي، جوابدار کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڳ ۾ ٻيو آفيسر هو، هاڻي آنءُ آيو آهيانم نياڻين جي وارثن کي انصاف ملندو، هن چيو ته اسين سڀ پنهنجي نياڻين وارا آهيون، اهڙي قسم جي حرڪت ڪندڙ سزا جا حقدار آهن، جن کي بخش نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته پوليس نياڻين جي وارثن کي گهرائي چيو آهي ته جيئن اوهان چاهيندا تيئن ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو، ڀلي هو ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي.