سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو موٽرسائيڪل سوارن کي نامعلوم گاڏي جو ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي، خبر موجب نوابشاهه روڊ تي روھڙي ڪئنال وٽ موٽر سائيڪل سوارن کي نامعلوم گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا نوابشاهه واسي نظير مستوئي ۽ نويد پٺاڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ ڄڻو نظير مستوئي زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد واثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.