سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو نيشنل هاءِ وي لڳ چوٿون ميل اسٽاپ تي هالا کان تعلقي ڀريا دالي شهر ويندڙ مسافر وين اوچتو اوور ٽيڪ ڪندي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري تيز رفتاريءَ سبب ڪلٽي ٿي پئي. نتيجي ۾ 17 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ عورتون، ٻارڙا ۽ مرد شامل آهن. هالا کان ڀريا دالي شهر ويندڙ هڪ ئي پاڙي جا رهواسي ڀريا ۾ ٿيل فوتگي جي تعزيت لاءِ وين ۾ سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاريءَ سبب اور ٽيڪ ڪندي وين ڊرائيور کان ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي وڻ سان ٽڪرائجي وئي. نتيجي ۾ عورتون مسمات سڪينه ميمڻ، مسمات خطيجه سمون، مسمات رخسانه ميمڻ، مسمات حليمان لاکو، رشيده ٻگهيو، حسنه مري، مسمات حنيفه بانو ميمڻ، ٻارڙا عديل، توصير دعا شامل آهن. جڏهن ته مردن ۾ ذوالفقار، وحيد ميمڻ، فيض محمد سمون، نعيم الدين ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. زخمين کي تعلقي اسپتال سڪرنڊ داخل ڪيو ويو. جن کي طبي امداد ڏني وئي. جڏهن ته وين ڊرائيور عنايت علي چانڊيو ۽ عورت حنيفان زال قمر الدين ميمڻ جي حالت نازڪ هئڻ ڪري کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.