سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو بيروزگاري ۽ مھانگائي سبب نوجوان پورهيت ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، خبر موجب ڳوٺ نقر ماڙي ۾ پورھيت نوجوان چندر ڪڇي بيروزگاري ۽ مھانگائي سبب وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، موقعي تي موجود ماڻھن سندس زندگي بچائڻ جو ڪوشش ڪئي پر رسو ڳچي ۾ ٻڌي جھٽڪي سان پاڻ ھيٺ ڇڏڻ سبب پورھيت جو مڻڪو ڀڄي پيو، اطلاع تي ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته پورھيت ڪافي عرصي کان بيروزگاري سبب پريشان ھو، نوجوان جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گھر ۾  ڪھرام مچي ويو.