سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صالح انڙ جي رهواسي  برسات متاثر کڏهر لڳ ڪئمپن ۾ ترسيل 3 ٻارن 10 ورهين جي هيري ولد آڏو، 8 ورهين جي مارو ولد آڏو ۽ 12 ورهين جي آڪاش ولد جمعو ڀيل کي بااثر وڏيري گاهه ڪرڻ تان ڏمرجي ڪهاڙي جا ڳن هڻي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين کي  تعلقه اسپتال سڪرنڊ داخل ڪيو ويو، ان حوالي سان معصوم ٻارن جي والدين   کڏھر ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان وارثن دانهيندي چيو ته  اسان جا  ٻارڙا  چوپائي مال لاءِ  گاھ ڪرڻ ويا ته علائقي جي بااثر وڏيرن ڪھاڙين ۽ لٺين سان ٻارن  تي تشدد ڪيو، ٿاڻي تي رپوٽ داخل باوجود به ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي، انصاف ڪيو وڃي.