سکر ۾ 647 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2183 بوٿ : ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن ٽائونز لاءِ 5 پولنگ اسٽيشنز کليل ميدان ۾ قائم

0
164
ميرپور خاص ضلعي ۾

سکر(رپورٽ: فارق سومرو) بلدياتي اليڪشن ۾ سکر ضلعي جا 8 لک 7 ھزار کان وڌيڪ ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. ضلعي اندر 647 پولنگ اسٽيشنز ۽ 2183 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن

سکر جي ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن ٽائونس ۾ 5 پولنگ اسٽيشن کليل ميدانن ۾ قائم ٿينديون. سنڌ اندر بلدياتي اليڪشن جي پھرين مرحلي ۾ سکر ضلعي اندر 8 لک 7 ھزار 72 ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جن مان 4 لک 36 ھزار 564 مرد ۽ 3 لک 70 ھزار 508 عورت ووٽر شامل آهن. اھڙي طرح ضلعي اندر  647 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آھن

جنھن ۾ 175 ميل، 174 في ميل ۽ 298 گڏيل پولنگ اسٽيشنس شامل آھن، ضلعي اندر 2183 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن، جن مان 1162 مرد ۽ 1021 عورت ووٽرز جي لاءِ بولنگ بوٿ جوڙيا ويا آھن

سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن ٽائون ڪاميٽين جيئي شاھ، مڪي شاھ ۽ نثار احمد صديقي ۾ 2 لک 99 ھزار 412 ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، جنھن ۾ ھڪ لک 60 ھزار 934 مرد ۽ 1 لک 38 ھزار 478 عورت ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪنديون

ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن ٽائون لاءِ 255 پولنگ اسٽيشن جوڙيون ويون آھن جنھن ۾ 85 مرد، 84 عورتن لاءِ ۽ 86 گڏيل پولنگ اسٽيشن جوڙيون ويون آھن.

جڏھن ته 5 پولنگ اسٽيشن اھڙيون آھن جن کي ڪا به عمارت ناھي، جيڪي کليل گرائونڊ، ميدانن ۾ ٽينٽ لڳائي قائم ڪيون وينديون. ضلعي اندر پ پ طرفان ڪلين سوئيپ ڪري ضلعي چيئرمين، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪاميٽين توڙي ٽائون ڪاميٽين ۾ پنھنجي اميدوار آڻڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي

جڏھن ته سکر آزاد اميداور، تحريڪ انصاف، فنڪشنل مسلم ليگ، جميعت علماءِ اسلام توڙي ٻين سياسي پارٽين جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن به پ پ اميدوارن کي شڪست ڏيڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي

اِن ڏس ۾ آزاد اميدار ۽ اڳوڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبر جاويد احمد ميمڻ، حاجي وزير علي مھر، مير مھر، عيدن جاگيراڻي، عبيداللھ ڀٽو، حسيب جوڻيجو، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، جميعت علماءِ اسلام جي اميدار سڪندر علي جوڻيجو، تحريڪ انصاف جو اميدوار حسيب اللھ شيخ، عبدالرئوف سومرو ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته  پ پ حڪومت سکر شھر کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي، پيئڻ لاءِ گندو ڊرينيج جو پاڻي شھرين کي فراھم ڪيو پيو وڃي

صحت جي مناسب سھولت موجود ناھي، تنھن ڪري ھن ڀيري سکر جي عوام پ پ اميدوارن کي رد ڪري ڇڏيو آھي. تنھن ڪري ئي پ پ جي بااثر اڳواڻن طرفان مخالف اميدوارن جا نامزدگي فارم پنھنجي مقرر ڪرايل آر اوز کان رد ڪرايا ويا، جيڪو عمل پ پ جي واضع بوکلاھٽ کي ظاھر ڪري ٿيو