سکر ۾ گهر ڊاهڻ واري عمل خلاف عورت جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

0
259

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ريلوي انتظاميا طرفان گهر ڊاهڻ واري عمل خلاف متاثر عورت قرآن پاڪ کڻي ريلوي انتظاميا کي منٿون ڪندي رھي، دانھيندڙ بيوس عورت جي ريلوي عملدارن ڪا به فرياد نه ٻڌي، عورت احتجاج ڪندي سخت گرمي سبب چڪر اچڻ ڪري روڊ تي ڪري پئي، مسمات ثمينا چيو ته منھنجو ڪوارٽر ليز تي آھي، خالي ڪرڻ لاءِ ڪو نوٽيس ناھي ڏنو ويو، ريلوي انتظاميا انتظاميا ھڪ لک روپيا رشوت گھري، غريب ھجڻ ڪري نه ڏيڻ تي ڪاروائي ڪئي وئي، هن چيو آهي ته ريلوي عملي منھنجي گھر ۾ گھڙي چادر ۽ چارديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو آھي، وزير اعظم ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين، گھرجو سامان کليل آسمان ھيٺيان اڇلايو ويو آھي ھاڻي اسان غريب ڪيڏانھن وڃون.