سکر(بيورو رپورٽ) سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملٽري روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ بئراج ڪالوني واسي نوجوان فرتب، سندس گھرواري نينا شديد زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال دخل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته موٽرسائيڪل تي سوار 3 معصوم ٻارڙيون پڻ زخمي ٿي پيون، جن کي پڻ فرسٽ ايڊ لاءِ اسپتال پھچايو ويو ھو، موقعي تان ڪار سوار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.