سکر(بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل سکر طرفان مختلف اميدوارن جون درخواستون رد، اڳوڻي ميئر جي گهرواري جي بنا مقابلي ڪاميابي برقرار. تفصيل موجب سکر اليڪشن ٽربيونل سکر واسي تاجر حاجي جاويد ميمڻ ۽ لاڙڪاڻو واسي عبدالغني ڪناصرو جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت اڳوڻي ميئر سکر ارسلان شيخ جي گهر واري ڊاڪٽر انعم ارسلان جي بنا مقابلي ڪاميابي برقرار رکي  آهي، جنهن تي سندس حامين طرفان خوشيون ۽ جشن ملهايو ويو. مليل ڄاڻ موجب  اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي رٽرننگ آفيسر طرفان اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا هئا، درخواست گذارن رٽرننگ آفيسرن جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. واِضع رهي ته حاجي جاويد ميمڻ گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيو هو.