سکر (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان مبينا تشدد وارو معاملو، سکر جي ڊاڪٽرن ۽ عملي طرفان ٽئين ڏينھن  به او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، مختلف علائقن کان علاج لاءِ پھتل مريض ڊاڪٽرن جي بائيڪاٽ سبب مايوس ٿي واپس موٽي ويا. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن، شھيد محترمه بينظير ڀٽو وومين يونيورسٽيءَ ٽيچرس ايسوسيئيشن، جي ايم سي ٽيچرز، ينگ ڊاڪٽرز، ينگ نرسز توڙي پيرا ميڊيڪل عملي طرفان گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ھو ته غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي سينيئر فيڪلٽي ميمبر ڊاڪٽر شاھد ميراڻي، ليڊي ڊاڪٽرز سميت عملي مٿان حملو ڪري کين تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدارن جي گرفتاري تائين پھرين مرحلي ۾ 20 جون تائين او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.