سکر (بيورو رپورٽ) روهڙيءَ ڀرسان دبر جي چوهاڻ برادريءَ پاران معصوم نينگريءَ سان مبينا زيادتي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اِن موقعي تي نينگريءَ جي وارثن نور حسن، شهربانو ۽ ٻين الزام مڙھيندي چيو ته جوابدار خان محمد  پنجن ورهين جي معصوم نياڻيءَ کي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، هاڻي جوابدار جا گهرڀاتي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مقامي پوليس جوابدارن سان ٻِٽ بڻيل آهي، جنهن ڪري اسان جي زندگين کي سخت خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثرن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.