سکر ۾ پوليس اهلڪار جو پيرسن عورت مٿان تشدد: سوشل ميڊيا تي شديد مذمت: ڪارروائي جي گهر

0
220

 سکر ۾ پيرسن فقيرياڻي تي پوليس اهلڪار پاران تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، اهلڪار خلاف سخت ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي، ان حوالي سان پريم سوني وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته او امان او امان ،او پوڙهي امان ،او بي وس امان ،او بي مالڪي امان ،او فقيرياڻي امان ،،،تنهنجي بيوسي تنهنجي غربت توکي بي آبرو ڪرايو آھي ،او امان شايد اهو اهلڪار تنهنجي بيوسي کي نه سمجهي سگهيو ،او امان تنهنجي بيوسي تي لکجي يا وري تنهنجي بي آبرو ٿيڻ تي لکان ،او امان اڄ تنهنجي بيوسي ڏسي اڄ تنهنجي ان بيوسي تي آسمان به ڏکارو ٿيو هوندو ،پر ان بي غيرت بي ضمير پوليس اهلڪار پنهنجي بي حيائي جي حد ڪري ڇڏي ،،او امان تنهنجي مالڪي ڪير به نه ڪندو ڇو ته تون فقيرياڻي ۽ بيوس امان آھين ،،ها اڄ اگر ڪو پوليس اهلڪار ڪنهن چونڊيل نمائندي يا وڏيري جي نوڪر سان ايئن ڪري يا ڪنهن  صحافي،يا ڪنهن وڪيل  جي ماء ڀيڻ يا ماسي سان ايئن ٿئي ها ته اسان سڀ سڄو سکر مٿي تي کڻي ڇڏيون ها ،هن وقت اهو پوليس اهلڪار ته ڇا پر ايس ايس پي نوڪري کان فارغ هجي ها ،،پر افسوس منهنجي امان تون فقيرياڻي ۽ بي مالڪي آھين. جنهن تي رئيس زوهيب مري لکيو ته انهيَ جي خلاف ڪاروائي ٿيڻ کپي پاور جو غلط استعمال پيو ڪري، رفيق هاشماڻي لکيو ته افسوس، غريب بيوس پيرسن عورت جي تذليل ڪئي پئي وڃي، عبدالجبار، محمد علي پلي به ردعمل ڏنو. سارنگ منير سومرو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڏوھارين آڏو ڪڪڙ بڻيل سکر پوليس معصوم عورت سان ڪھڙو حشر ڪيو آهي؟ جنهن تي منصور کوکر، شير محمد کهاوڙ، اسلم سومرو به ردعمل ڏنو، مير محبوب حسين جمالي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عورت مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪار کي معطل ڪيو ويو آهي جنهن تي عبدالمالڪ جمالي لکيو ته ڇا ٿيندو، اهو معطل ٿيندو ٻئي ڏينهن وري بحال ٿي ويندو، بس خدا وٽ انصاف آهي، باقي ملڪ ۾ انصاف ناهي، رضوان لاکو لکيو ته معطل ڪيو ويو ته ڪهڙو انصاف ٿيو ان کي نوڪري مان ئي ڪڍڻ گهرجي، حاجي انور جمالي لکيو ته سٺو ٿيو معطل ٿي ويو، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سکر ۾ پوليس اهلڪار جو عورت مٿان تشدد….ڇا عورتن جو پوليس وارن وٽ هاڻي  اهو ئي احترام وڃي بچيو آهي. ڪاري وردي وارن کي انساني حقن عورتن جي حقن بابت ڪيتريون به ٽريننگون ڪرايو پر موقعو ملندي ئي هو پنهنجي فرعونيت ضرور ظاهر ڪندا…. مختيار ڏيٿو، ڪامران ابڙو، اسماعيل بهلڪاڻي، منٺار سومرو، علام مصطفيٰ شيخ، علي شير، عبدالخالق جاگيراڻي، لال بخش سهتو، برڪت جهڊير،  صبا علي، رياض احمد پڻ اهڙي معاملي تي پوسٽون شيئر ڪيون. نديم بوزدار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سکر ۾ ٻڍڙي عورت مٿان 15 انچارج طرفان تشدد واري واقعي جو ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ نوٽيس وٺي کيس معطل ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پيرسن عورت وٽ پھچي اجرڪ اوڍائي تشدد ۾ ملوث انچارج خلاف ڪاروائي جي خاطري ڪرائي . جنهن تي غلام قادر لکيو ته اھو به ھڪڙي قسم جو ناٽڪ آھي پهريان ڪنهن مسڪين کي لتر ھڻي سندس تذليل ڪري سوشل ميڊيا تي ردعمل بعد وري انکي اجرڪ پارائي پنهنجي ڪيل غلطي تي مٽي وجھڻ برابر آهي، فقير سليم لکيو ته ايس ايس پي کي گھرجي ته پھرين ھن عورت جي فرياد تي انھي انچارج خلاف تشدد ۽ تذليل جو ڪيس داخل ڪري، انھي سان گڏ ڊپارٽيمينٽل ڪارروائي ڪري کيس معطل ڪري گرفتار ڪرائي. ڪاشف آگاڻي لکيو ته ان عورت جي مجرم کي گرفتار ڪيو وڃي معطلي ڪا وڏي ڳالھ ڪونھي . محمد رمضان مهر، راجا ڀٽو، عمران علي، ثناءُالله مهر، ملڪ محمد خان، سرتاج سومرو، عامر خان، فيصل علي انڍڙ، شاهد مغل، لالا ظهور، صدام پتافي، فهيم يحيٰ ڀٽو ۽ ٻين ايس ايس پي جي ساراهه ڪئي.