سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي رھواسڻ ناريءَ سان پيار ۾ دوکو، پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل ناريءَ سان اجتماعي جنسي زيادتيءَ جي ڪوشش، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پھچي چئن  ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، نيو پنڊ پوليس ناريءَ سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي بچائڻ لاءِ سرگرم رھي، ميڊيا تي معاملو اچڻ بعد سول اسپتال سکر مان متاثر ناريءَ جو ميڊيڪل ڪرايو ويو. اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر جي رھواسڻ ڪوثر منگي نوجوان محمد علي ڪنبوھ سان موبائيل فون تي مسلسل رابطي بعد پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گذريل رات دير سان پنھنجي ھڪ ساھيڙي جي مدد سان گهران نڪتي. پوليس ذريعن مطابق نوجوان پنھنجي دوستن سان گڏ ناريءَ سان مليو، جنھن بعد کيس سکر ٽائون شپ ۾ واقع ھڪ جاءِ تي نيو ويو، جِتي ناريءَ کي نوجوان جي ھڪ دوستي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، بعد ۾ نوجوان نيوپنڊ ۾ واقع ھڪ جاءِ تي ناريءَ کي وٺي ويا، جِتي ٻين دوستن به زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اِن کان اڳ پاڙيسرين جي اطلاع تي نيوپنڊ پوليس پھچي چئن ڄڻن محمد علي ڪنبوھ، شعيب اعواڻ، سمير راجپوت، حسنين کي گرفتار ڪري ناري کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي وومين ٿاڻي تي اماڻيو. ذريعن مطابق رات جو تحويل ۾ ورتل ناريءَ کي پوليس منجھند تائين نه عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ نه وري ميڊيڪل لاءِ اسپتال اماڻيو. معلوم ٿيو آهي ته نيو پنڊ پوليس گرفتار ٿيل جوابدارن جي وارثن سان ڏيتي ليتي ڪري الزام ھيٺ آيلن کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي. ايس ايچ او نيوپنڊ عبدالحميد مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناريءَ زيادتيءَ متعلق ڪوبه بيان ناھي ڏنو. ذريعن مطابق پوليس آڏو متاثر ناري زيادتيءَ وارو بيان ڏئي چڪي آھي جنھن کي پوليس لڪايو. ناريءَ سان زيادتي واري خبر ميڊيا تي ھلڻ کان پوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ نيٺ منجھند کانپوءِ کيس ميڊيڪل لاءِ سول اسپتال سکر پھچايو. اسپتال مان ميڊيڪل ڪرائڻ کان پوءِ ڪوثر منگيءَ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر وومين ٿاڻي ۾ رکيو ويو آھي. ٻئي پاسي رات دير سان نيوپنڊ ٿاڻي تي سرڪار طرفان چئني جوابدرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پوليس ذريعن مطابق ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪوثر منگي سان زيادتي جي ڊاڪٽر تصديق ڪئي آهي. پوليس مطابق ناري سکر جي فراش واري علائقي سان تعلق رکي ٿي، جنهن پهريان غلط بيان ڪندي پاڻ کي حيدرآباد جي رهواسڻ ظاهر ڪيو هو.