سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، واٽهڙو زخمي. سکر سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد الله آباد جي لغاري پاڙي ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان لغاري ڌرين  ۾ جھيڙو ٿي پيو، ان دوران گوليون لڳڻ سبب 28 ورهين جو راشد ولد علي گوهر لغاري موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ واٽهڙو 45 ورهين جو ڪاڪي شاهه فائرنگ سبب زخمي ٿي پيو. مقتول جي لاش ۽ زخميءَ کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او سائيٽ ايريا اعجاز منگي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جوابدار فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. فريادي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ نه پهتا آهن، جلد ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.