سکر ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان 4ڄڻا قتل

0
267

سکر جي علائقي باگڙجي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڌنارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ڪوئيٽا واسي مهمان به شامل آهي

مارجي ويلن ۾ ڪامران گهمرو، ببلو گهمرو، رمضان ۽ ڪوئيٽا مان مهمان ٿي آيل خليل شيخ شامل آهن، جن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

ذريعن موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي، گهمرا برادري جا سوين ماڻهو اسپتال پهچي ويا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آهي