سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي نوجوان وڪيلن سنڌ حڪومت خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ڪري وڏي وزير خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي   آغا صورت علي خان، شاهنواز صديقي، الطاف شاهه، صمد ڀيو، ڪاشان علي عباسي ۽ ٻين چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ گمس جو نالو بحال ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جنهن جي آجيان ڪريون ٿا، هنن چيو ته عدالت فيصلو ڏنو هو ته سنڌ مان سردارن، پيرن، ميرن، وڏيرن جا نالا هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جن وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جو سنڌ لاءِ ڪو ڪردار ناهي، انهن جا سرڪاري هنڌن جا نالا رکڻ ناانصافي آهي، سنڌ حڪومت سرڪاري  خرچ تي پنهنجي من پسند ماڻهن جا نالا سرڪاري ادارن، روڊن، رستن، پارڪن تي رکي توڙي انهن جي نالن جا باب تعمير ڪرائي ٿي. هنن چيو ته عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو وڃي.