سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن هوٽل تي حملو ڪري، پراڻي تڪرار تان هوٽل مالڪ کي چاقو ۽ سريا هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، پورهيت زخمي، پوليس جون مختلف هنڌن تي چڙهايون، 5 کان وڌيڪ شڪي جوابدار گرفتار، ڪافي عرصي کان جهيڙيندڙ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاهه ۾ مبينا طور پراڻي تڪرار تان هٿياربند هوٽل تي ڪاهه ڪري هوٽل مالڪ 50 ورهين جي علي اصغر پٽ خميسو ملڪ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا. هٿياربندن مزاحمت تي پورهيت سڪندر جمالي کي پڻ رتورت ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واردات واري هنڌ پهچي مقتول علي اصغر جو لاش ۽ زخميءَ کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارث عورتون توڙي مرد لاش کي چنبڙي روئندا رهيا. مقتول جي ڀاءُ ضمير ملڪ  پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ پنهنجي هوٽل تي ڪم ۾ مصروف هو ته 30 ماڻهن مٿس چاقن ۽ لوهي سرين جا وار ڪري کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. حملي ۾ هوٽل ملازم سڪندر جمالي زخمي ٿي پيو آهي. هن الزام مڙهيو ته مخالف شرف الدين ملڪ واري ڌر سال 2017 ۽ 2021 ۾ اسان جي ٻن ڀينرن کي به قتل ڪيو هو، پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، الٽو بااثرن جي ونگار وهندي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا. عدالت مان اجازت ملڻ بعد ڀاءُ روزگار شروع ڪيو پر ظالمن کيس بيدردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته قاتلن جا نالا پوليس کي ڏنا آهن، نوٽيس وٺي کين گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته شرف الدين ۽ وزير ملڪ جي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس مختلف هنڌن تي چڙهايون ڪري شڪ جي بنياد تي 5 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.