سکر(بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽن يونين ڪاميٽين تي ھارايل پ پ اميدوارن ٻيھر ڳڻپ لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ درخواستون ڏئي ڇڏيون. يونين ڪاميٽي پراڻو سکر، شمس آباد ۽ نئون ڳوٺ مان 2 آزاد اميدوار ۽ ھڪ ايم ڪيو ايم اميدوار ڪامياب ٿيو ھو. رٽرننگ آفيسر يونين ڪاميٽي پراڻو سکر جي اميدوارن توڙي لاڳاپيل عملي کي ٻيھر ڳڻپ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي يونين ڪاميٽي پراڻو سکر ۽ شمس آباد مان آزاد اميدوار امير بخش عرف مير مھر ۽ وزير علي مھر غيرحتمي نتيجن موجب پ پ اميدوارن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ھئي، جڏھن ته ايم ڪيو ايم جي اميدوار ذاڪر بنڌاڻي يونين ڪاميٽي نئون ڳوٺ تان پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي فتح ماڻي. ٽنھي ڄڻن جي ڪاميابين خلاف پ پ اميدوارن لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرز وٽ ٻيھر ڳڻپ لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آھن. رٽرننگ آفيسر، ايڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري ٽائون ڪاميٽي جيئي شاھ جي يونين ڪاميٽي 2 جي پ پ اميدوارن عبداللھ منگي، فرحان شاھ جي درخواست تي ڪامياب اميدوار مير مھر سميت ٻين اميدوارن، پرزائيڊنگ آفيسر توڙي لاڳاپيل عملي ڏانھن ٻيھر ڳڻپ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي (اڄ) طلب ڪري ورتو آھي.