سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي آباد ٿاڻي جي حد  مان ناري مبينا طور اغوا، واقعي جو ڪيس داخل، پوليس ناريءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي. فريادي احسان علي شيخ موجب ملت سوسائٽي جي اعواڻ روڊ واري علائقي ۾ ٽن جوابدارن شايان سميجو، عمار سمون ۽  حسين ڪلھوڙو ھٿيارن جي زور تي سندس گهر تي داخل ٿي نياڻي روميسا شيخ کي  اغوا ڪري ويا آهن. اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس نياڻيءَ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻيءَ کي بازياب ڪرايو وڃي.