سکر(بيورو رپورٽ) پوري سنڌ جيان سکر ضلعي ۾ به 529 کان وڌيڪ بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب ضلع ڪائونسل جي ميمبر، چيئرمين وائيس چيئرمين، جنرل ڪائونسلر توڙي وارڊز تان ڪامياب ٿيل اميدوارن نيٺ 11 مھينن کان پوءِ حلف کڻي ورتو آھي. سکر ضلعي ڪائونسل جي 42 ميمبرن، روھڙيءَ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي 12 ۽ پنوعاقل جي 16 ميمبرن کان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال سکر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم طرفان سنڌيءَ ۾ حلف کڻايو ويو.حلف کڻندڙن جي چھرن تي مرڪون وکريل رھيو. ضلع ڪائونسل جي ميمبر طور حل کڻندڙن ۾ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو فرزند سيد ڪميل شاھ، اڳوڻي ايم پي اي حاجي انور خان مھر جو فرزند ويرم خان مھر، اڳوڻو ايم پي اي سيد جاويد شاھ، مير يعقوب علي شاهه ۽ ٻيا شامل آھن. ٻئي طرف سکر آءِ بي اي جي آڊيٽوريم ھال ۾ سکر ميونسپل ڪارپوريشن، ٽائون ڪاميٽين جيئي شاھ، مڪي شاھ، نثار احمد صديقي، باگڙجي جي 32 يونين ڪاميٽين جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ جنرل ڪائونسلرز کان ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم جي موجودگيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيسرن ياسر علي سومرو، صدام حسين طرفان حلف ورتو ويو. حلف کڻندڙن ۾ اڳوڻو ميئر سکر ميونسپل ڪارپوريشن ارسلان اسلام شيخ، خورشيد شاهه جي فرزند سيد زيرڪ شاهه، اڳوڻي ڊپٽي ميئر طارق چوھاڻ، مير عبدالرحمان مينگل، ڊاڪٽر محمد عثمان ماڪو، حنيف ميمڻ، غلام مرتضي گھانگھرو، چوڌري اظھر حسين، رياض جوڻيجو، ياسين آرائين، مختيار کوکر ۽ ٻين حلف ورتو.