سکر (بيورو رپورٽ) اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽيءَ طرفان مئنجيمينٽ خلاف او پي ڊيز ۽ جنرل وارڊس جو ٻئين ڏينھن به بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪري اسپتال سامھون ڌرڻو ھنيو ويو، اِن موقعي تي وحيد احمد مغيري، زاھد چاچڙ، محمد عامر، صبا قريشي ۽ ٻين چيو ته اسپتال مئنيجمينٽ ناانصافي ڪندي ملازمن جي ماھوار پگھارن ۾ غيرقانوني طور 30 ھزار رپين تائين ڪٽوتي ڪري رھي آھي، ڪووڊ رسڪ الائونس به نه ٿو ڏنو وڃي، ٻي طرف جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي اڳواڻن موجب اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر وڊيو ڪال ذريعي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري کين مسئلن جي حل جي يقين ڌھاني ڪرائي ۽ پگھارن مان ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي آھي، جنھن تي احتجاج ختم ڪيو آھي.