سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي فوٽپاٿ تي ستل گهوٽڪي جي رهواسي جو تشدد ٿيل لاش هٿ، پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ سکر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج روڊ جاگيراڻي پاڙي ويجهو فوٽپاٿ تي ستل گهوٽڪي واسي راجيش ڪمار جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، علائقي واسين   طرفان پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو. اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته دماغي مريض هڪ شخص ننڊ ستل راجيش ڪمار کي پٿر هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي. پوليس مطابق راجيش ڪمار جو لاش وارث گهوٽڪي کڻائي ويا آهن. جن ٻڌايو ته راجيش جو دماغي توازن درست نه هيو. تنهن ڪري اسان ڪا به قانوني ڪارروائي نه ڪنداسين.