سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي رهواسڻ عدالت ۾ ايئرپورٽ جي مئنيجر ۽ ٻين خلاف هراسمينٽ جي ايف آءِ آر لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عدالت ايس ايس پي سکر ۽ ڌر بڻايلن کي اڄ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب روهڙي ٿاڻي جي حد جي رهواسڻ مسمات آمنه  شاهه ففٿ ايڊيشنل سيشن جج سکر جي عدالت ۾ بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر جي مئنيجر عبدالسعيد عباسي ۽ ٻين مٿان هراسمينٽ جي ايف آءِ آر لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت ڌر بڻايل سکر ايئرپورٽ جي مئنيجر، ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل سکر، ايس ايچ او روهڙي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪراچي ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 7 جنوري اڄ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.