سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ڪائونسل ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ۽ ماهوار پگهارن ۾ 10 کان 20 هزار ڪٽوتي خلاف يونين اڳواڻ عبدالمجيد جسڪاڻي، طارق سولنگي، شاهنواز ڪانڌڙو، مشاهدحسين پلھه، عبدالله، جميل احمد دايو، مظفر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نادرا آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين دانهيندي چيو ته لوڪل گورنمينٽ ملازمن سان مسلسل ناجائزيون ٿي رهيون آهن، هڪ سئو کان وڌيڪ ريگولر ملازمن جي پگهارن مان 10 کان 20 هزار رپيا ناجائز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، ملازمن کي گذريل مهيني جي پگهار به ناهي ملي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي طرف ايڊمنسٽريٽر سکر ضلعي ڪائونسل اعجاز پلهه موجب ته ڊيوٽين تان غائب ملازمن جو پگهارون بند ڪرڻ سان گڏ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. جيڪو ملازم ڊيوٽي نه ڪندو ان خلاف ايڪشن ٿيندو.