سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ويجھو معمولي ڳالھه تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، ان دوران لتون، مڪون، سروٽا ۽ ڪرسيون لڳڻ سبب منظور پنھور ۽ اسد الله پٺاڻ زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو. جھيڙيندڙ ڌرين ھڪ ٻئي خلاف اين سيز داخل ڪرائي ڇڏيون. ھوڏانھن ھڪ اکين ڏٺي شاھد موجب ڪار ڊرائيور هوٽل مالڪ کي روڊ تي رکيل ڪرسيون هٽائڻ لاءِ چيو ته منهن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو.