سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس امن امان صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ روهڙي جي ريلوي اسٽيشن، چوراهن، گيسٽ ھائوسن، مسافر خانن سميت عارضي هوٽلن ۾ رهائشي مسافرن جي سامان جي تلاشي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا. پوليس انتظاميا موجب ڪومبنگ آپريشن جو مقصد ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ آھي. پوليس ذريعن موجب آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ ورتو ويو، ضروري معلومات ۽ ڪاغذ توڙي شناختي ڪارڊ ظاهر ڪندڙن کي ڇڏيو ويو.