سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ڀرسان عيد رات جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني ويڙهه، راڪيٽ لانچر ۽ جديد هٿيارن سان فائرنگ، 2 ٻارڙن ۽ 4 عورتن سميت 7 ڄڻا قتل، 4 زخمي. پوليس پاران تصديق، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل. تفصيل موجب سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاهه مياڻي ويجهو سعيد آباد جي ڪچي واري علائقي ۾  شاهنواز خروس جتوئي ۽ صوبدار عرف صوبو خروس جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، هٿياربندن راڪيٽ لانچر ۽ جديد هٿيارن سان هڪٻئي جي ڳوٺن، گهرن ۽ رستن تي حملا ڪري ڏنا. ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان محمد ملوڪ قتل ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو عبيد الله خروس زخمي ٿي پيو. جنهن بعد راڪيٽ لانچر سميت جديد هٿيارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ڪلاڪن تائين جاري رهي. نتيجي ۾ هٿياربندن هٿان 2 ٻارڙا ۽ 3 عورتون قتل ٿي ويون. مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس مطابق قتل ٿي ويلن ۾ مسمات شهزادي زال منٺار خروس، مومل زال عبدالرحمان خروس، 8 ورهين جي فرحانه ڌيءُ عبدالرحمان خروس، ستڻ زال قابل خروس، 3 ورهين جو صفير پٽ محمد مٺل خروس ۽ محمد ملوڪ خروس جتوئي مسمات پرويزان شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾  مسمات زاهدان زال عبدالجبار خروس، سبزل پٽ عبدالرحمان خروس، مسمات گلجان خروس، مسمات پري، نوجوان عبيد الله جتوئي زخمي آهن جن کي علاج لا سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هٿياربند جي حملي ۾ شاهنواز جتوئي ڌر جي مارجي ويل 3 عورتن ۽ ٻن ٻارڙن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.