سکر(بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران ڪلچرل ڪامپليڪس جي سينگار علي سليم آڊيٽوريم ۾ منفرد ڪلاسيڪل اسٽيج ناٽڪ “منتظر” پيش ڪيو ويو آهي. ڊرامو ڏسڻ لاءِ سکر شهر ۽ ڀرپاسي کان آيل ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. اسٽيج ناٽڪ حسن عباس جو لکيل هو جڏهن ته هدايتڪار رمشا شهزادي هئي. اسٽيج ناٽڪ ۾ ڪردار نڀائيندڙ ٽي وي ۽ اسٽيج جا ناليوارا اداڪار ۽ اداڪارائون شامل هيون، انهن ۾ احمد پٺاڻ، رمشا شهزادي، عاشق دايو. لاريب سڄڻ، سجاد سومرو ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته پروگرام جي ڪمپيئرنگ سنڌ جي مشهور ۽ بهترين ڪاميڊين سهراب سومرو ڪئي. ڊرامي دوران هال ۾ ويٺل ماڻهن پاران ڪردار ادا ڪندڙن کي ڀرپور داد ڏنو ويو.  ڊرامي کان اڳ پروگرام ۾ خاص مهمان سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري، ثقافت کاتي سکر جي ڊائريڪٽر امتياز ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته سکر آرٽس ڪائونسل ۾ سکر ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي تفريح ڏيڻ لاءِ ٻيو ڀيرو هي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو آهي، اسٽيج ڊرامو سنڌ جي ادب ۽ فن ۾ وڏي سڃاڻپ رکندڙ آهي.