سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ بجليءَ جو 8 ڪلاڪ ڊگهو بريڪ ڊائون، شھري پريشان. سکر سيپڪو طرفان بجليءَ جي  اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وارو سلسلو جاري آھي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪالھه صبح ستين وڳي کان منجھند جو 2 وڳي تائين بجليءَ جي فراھمي بند رھي. بجلي بند هجڻ سبب شهر جي چوڪن، چوراهن تي امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ لڳايل ڪئمرائون به بند رھيون. گوليمار، نيوپنڊ، شاليمار، نئون ڳوٺ، صرافه بازار، سوسائٽي سميت اڪثر علائقن جي بجلي 8 ڪلاڪن تائين بند رھي. شھرين سيپڪو اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بجليءَ جي بندش بابت اڳواٽ آگاھي ڏني وڃي. سيپڪو ذريعن ٻڌايو ته سائيٽ ايريا گرڊ اسٽيشن جي مرمت واري ڪم سبب بجلي بند رھي.