سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ ايم ڪيو ايم  ۽ پ پ جي حامين ۾ جهنڊا لڳائڻ تان جهيڙو ٿي پيو، ٻئي ڌريون ايوب گيٽ وٽ هٿين پئجي ويون، نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 کان وڌيڪ ورڪر معمولي زخمي ٿي پيا. شهرين وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو. هوڏانهن تحريڪ لبيڪ سکر جي اڳواڻ حسن چاچڙ رابطو ڪري ٻڌايو آهي ته سکر لب مهراڻ وٽ جمعي ڏينهن جلسو رٿيل آهي، پ پ ڄاڻي واڻي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي پرامن ماحول خراب ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جنهن متعلق ڊي آ جي سکر توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.