سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سول اسپتال سکر ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي عيدن جاگيراڻي، سراج احمد، فراز حسين ۽ ٻين چيو ته سول اسپتال ۾ مريضن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، اسپتال جا ڊاڪٽر سول اسپتال ۾ مريضن جو علاج ڪرڻ بدران خانگي اسپتالن ۾ وڌيڪ ٽائيم ڏئي رهيا آهن، رات جي وقت ڊاڪٽر ڊيوٽين تان غائب ھجن ٿا، هنن چيو ته اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ سبب مريض دربدر پيا ٿين، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن کي ڊيوٽين جو پابند بڻائي اسپتال ۾ سهولتون ڏنيون وڃن.