سکر (بيورو رپورٽ) صحت کاتي جي ٽيم سکر ٽائون شپ ۾ ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ سرڪاري دوائون ھٿ ڪري ورتيون، ڪارروائي بعد اسٽور مالڪ ساٿين سان  گڏجي ٽيم جي گاڏي روڪي ساڳيون دوائون کڻي واپس روانو ٿي ويو. اِن ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب صحت کاتي جي ٽيم ڳجھي اطلاع تي ٽائون شپ واري علائقي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر شفق شفيع جي اڳواڻيءَ ۾ ڇاپو ھنيو، ڪارروائي دوران صحت کاتي جون ” ناٽ فار سيل“ جي مهر لڳل دوائون وڏي مقدار ۾ هٿ ڪيون ويون. ساڳئي وقت اهو انڪشاف به ٿيو ته ڄاڻايل ميڊيڪل اسٽور قانوني طرح رجسٽر ٿيل نه آهي، جنھن تي ٽيم اسٽور ۾ پيل دوائون ۽ سامان پاڻ سان کڻي رواني ٿي وئي. اهڙي ڪارروائيءَ بعد ميڊيڪل اسٽور مالڪ ساٿين سان گڏجي پيڇو ڪري صحت کاتي واري ٽيم جي گاڏيءَ کي روڪي ورتو. ان دوران اسٽور مالڪ گاڏيءَ ۾ پيل دوائون کڻائي واپس موٽي ويو. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊرگ انسپيڪٽر شفق شفيع ٻڌايو ته غيرقانوني طور ھلندڙ ميڊيڪل اسٽور تي پھتاسين، جِتي سرڪاري دوائون به رکيون ويون ھيون، جن کي تحويل ۾ وٺي آفيس اچي رهيا هئاسين ته 25 کان 30 ماڻھن زبردستي روڪي حراسان ڪيو ۽ صحت کاتي جون دوائون پڻ گاڏي مان لاٿيون ويون. ان بابت معلوم ٿيو آهي ته معاملي کي راڄوڻي طريقي سان نبيرڻ لاءِ ڪوششون به شروع ٿي ويون آهن.