سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل زال مڙس علي اڪبر سولنگي  ۽ زينت گڏاڻي قتل ڪيس جي مک جوابدار ۽ مقتولاجي اڳوڻي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو، دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻٽو قتل ڪيس دهشتگردي جي ذمري ۾ نه اچڻ جو سبب ڄاڻائي اي ٽي سي جا قلم خارج ڪرڻ بعد سيشن ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو. گرفتار ٻنهي جوابدارن مدد علي گڏاڻي ۽ عابد گڏاڻي کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن بعد عدالت 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو. واضح هجي ته 2 ڏينهن اڳ سکر ڪورٽ مان حاضري تان واپس ايندي قتل ٿي ويل زال مڙس علي اڪبر سولنگي ۽ زينت گڏاڻي جي ڪيس ۾ پوليس مک جوابدار عابد گڏاڻي ۽ مقتول زينت جي اڳوڻي مڙس مدد علي گڏاڻي کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪيو. ايس ايچ او بي سيڪشن منصور حطار موجب عدالت زينت گڏاڻي ۽ علي اڪبر سولنگي جو ٻٽو قتل ڪيس دهشتگردي جي زمري ۾ نه اچڻ جو سبب ڄاڻائي سيشن ڪورٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. جنهن کانپوءِ گرفتار جوابدارن کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. جوابدارن زينت گڏاڻي ۽ علي اڪبر سولنگي جي قتل جو اعتراف ڪيو. عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار مدد علي گڏاڻي ۽ عابد گڏاڻي کي 6 ڏينهن جي جسماني  رمانڊ تي سندن حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايچ او مطابق گرفتار جوابدار عابد گڏاڻيءَ جي نشاندهيءَ تي قتل ۾ استعمال ٿيل پستول برآمد ڪيو ويو آهي. جوابدار عابد عرف عابي گڏاڻي ۽ نياز پٽ نواز موٽر سائيڪل تي اچي جوڙي کي قتل ڪيو. مقتول ناري جي اڳوڻي مڙس ۽ امڙ رضوانه منصوبابندي ڪري قتل ڪيا آهن. ايف آءِ آر ۾ 6 ڄڻا نامزد ۽ 2 نامعلوم آهن. عدالتي احاطي ٻاهران قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عابد حسين گڏاڻي اعتراف ڪندي چيو ته غيرت جو مسئلو هو، ٻه ڀيرا جوڙي جو پيڇو ڪيو هو. عدالت ٻاهران مقتول زينت گڏاڻي جي اڳوڻي مڙس مدد علي گڏاڻي چيو ته مون قتل ناهي ڪيو، عابد وارن ڪيو آهي. منهنجي نينگري کي شديد زخمي ڪيو ويو، مان غريب ۽ بيگناهه آهيان. نياڻي خبر ناهي ڪهڙي حالت ۾ آهي. خدارا منهنجي نياڻي جو علاج ڪرايو.