سکر(بيورو رپورٽ) سکر اسپتال ۾ مريض جي وارث پاران دوائون نه ملڻ تي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ايم ايس کي شڪايت، وڊيو سامھون اچي وئي. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب 2 ڏينھن اڳ سکر سول اسپتال جي مختلف شعبن جي وارڊن جو افتتاح ڪرڻ وقت پ پ ايم پي اي سيد فرخ شاھ، ايم اين اي نعمان اسلام شيخ ۽ ايم ايس سول اسپتال سکر ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻيءَ جي موجودگيءَ ۾ ھڪ شخص جي دوائون نه ملڻ واري شڪايت جي وڊيو سامھون اچي وئي آھي، جنھن ۾ ڪولاچي برادري جو نيڪ مرد سڏرائيندڙ شخص چونڊيل نمائندن کي چئي رھيو آھي ته گھوٽڪيءَ ۾ سردار محمد بخش مھر وٽ کليل ڪچھريءَ ۾ ايم ايس گھوٽڪيءَ اسپتال خلاف شڪايتون ڪيون، ڊاڪٽر ارباب صوبائي وزير اڪرام اللھ ڌاريجو جو رکرايل آھي، کيس ڪير ھٽرائيندو؟ ڀلي روز ماڻھو ماريندو رھي، مھنجي پوٽي کي به ماريو ويو آھي، پوٽيءَ واري معامري تي ھن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي، مان ڪولاچي برادريءَ جو نيڪ مرد آھيان، پ پ جو اھڙو رويو رھيو ته ھاڻي ووٽ نه ڏينداسين، شڪايت ڪندڙ کان ايم اين اي ۽ ايم ايس سکر ۾ مسئلي متعلق پڇا ڪئي، جنھن تي ھُن وراڻيو تہ ھِتي سرڪاري دوائون نٿيون ڏنيون وڃن، انڪوائري ڪري ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، جنھن تي ايم ايس سکر کيس يقين ڌھاني ڪرائي ۽ درخواست لکت ۾ ڏيڻ جي ھدايت ڪئي.