سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ تعليم کاتي سکر ڊويزن ۾ استادن جي کوٽ  هڪ هفتي اندر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران داخل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران تعليم ۽ فنانس کاتي سنڌ جا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت پاران پڇاڻو ڪرڻ تي ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سکر ڊويزن ۾ 8 هزار 619 پرائمري استادن جون سيٽون خالي آهن، جڏهن ته 60 نان ٽيچنگ عملي جون سيٽون به خالي پيل آهن. پٽيشنر عدالت کي ٻڌايو ته سکر ڊويزن ۾ پرائمري استادن جون ايتريون آساميون خالي هجڻ ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود کين ڀرتي ناهي ڪيو ويو، ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻارڙن جي مستقبل جو مسئلو آهي، اوهان چاهيو پيا ته اسڪول بند هجن؟ رات ڏينهن ڪم ڪري خالي پيل جاين تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي. 83 هزار اميدوار آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري چڪا آهن ته انهن کي ڀرتي ڇو نٿو ڪيو وڃي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اسڪول بند ڪيا وڃن. وڪيل مطابق عدالت حڪم ڏنو آهي ته هڪ هفتي اندر تعليم کاتي سکر ڊويزن ۾ خالي پيل استادن جي سيٽن تي آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي، عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو ويو ته سکر، خيرپور، گهوٽڪي ضلعن جي تعليم کاتي جي عملدارن خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو ويندو.