سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ڊويزن ۾ مڪاني چونڊ لاءِ 23 ھزار 933 عملدار مقرر، 2236 پولنگ اسٽيشنز ۽ 7644 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا. تفصيل موجب سکر ڊويزن جي سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ٽن ضلع ڪائونسلز، 7 ميونسپل ڪاميٽي ۽ 30 ٽائون ڪاميٽين تي اليڪشن ٿيندي. مجموعي طور تي ڊويزن اندر 196 يونين ڪائونسلز آھن جنھن ۾ سکر 42، گھوٽڪي ۾ 66 ۽ خيرپور ۾ 88 يونين ڪائونسلز  شامل آھن، 7 ميونسپل ڪاميٽين مان 2 سکر، 2 گھوٽڪي ۽ 3 خيرپور ميونسپل ڪاميٽيز شامل آھن، اھڙي طرح ڊويزن اندر 30 ٽائون ڪاميٽيون ڪاميٽين تي به اليڪشن ٿيندي، سکر ۾ 6 ٽائون ڪاميٽيون، گھوٽڪي 4 ۽ خيرپور 20 ٽائون ڪاميٽيون آھن. حاصل ڪيل وڌيڪ ڄاڻ موجب چيئرمين وائيس چيئرمين طور ڊويزن اندر 228 سيٽون آھن جن مان 17 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن، جڏھن ته 211 تي اليڪشن ٿيندي. سکر ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 74 سيٽن مان 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آھن، جڏھن ته 68 سيٽن تي اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، گھوٽڪيءَ ضلعي ۾ چيئرمين وائيس چيئرمين جون 66 سيٽون آھن جن مان 4 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ۽ 62 تي اليڪشن ٿيندي. خيرپور ضلعي ۾ چيئرمين وائيس چيئرمين جون 88 سيٽن مان 7 چيئرمين وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن. باقي 81 سيٽن تي اليڪشن ٿيندي. اھڙي طرح ڊويزن اندر 57 آر اوز جنھن ۾ سکر 17، گھوٽڪي 18 ۽ خيرپور ۾ 22 آروز مقرر ڪيا ويا آھن. ڊويزن اندر اي آر اوز 114 مقرر ڪيا ويا آھن جنھن ۾ سکر 34، گھوٽڪي 36 ۽ خيرپور ۾ 44 اي آر اوز مقرر ڪيا ويا آھن. جڏھن ته 23 ھزار 933 عملو اليڪشن جي ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ 2236 پرزائڊنگ آفيسرز، 13651 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 7653 پولنگ آفيسر ۽ 393 فيل پرزائيڊنگ آفيسرز لاءِ نائب قاصدر مقرر ڪيا ويا آھن. سکر ڊويزن جي ٽنھي ضلعن سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 2236 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آھن جنھن ۾ 393 مرد، 393 عورت ۽ 1450 گڏيل طور تي پولنگ اسٽيشنس شامل آھن، سکر ۾ 650، گھوٽڪي ۾ 691 ۽ خيرپور ۾ 895 پولنگ اسٽيشون قائم ٿينديون. اھڙي طرح ڊويزن اندر 7644 پولنگ بوٿ جوڙيا ويا آھن جن ۾ 4018 مرد، 3626 عورتن لاءِ پولنگ بوٿ شامل آھن. سکر ۾ 2281، گھوٽڪي ۾ 2389 ۽ خيرپور ۾ 2974 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن.