سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) اليڪشن ڪميشن  طرفان سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ ۾ 26 جون تي رٿيل پولنگ جي حوالي سان سيڪورٽي پلان جوڙي ورتو. سکر ڊويزن ۾ 2203 پولنگ اسٽيشس قائم، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 464 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس ۽ 1199 حساس قرار. امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ آرميءَ جا جوانن مقرر ڪرڻ جو فيصلو. تفصيل موجب بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ سکر ڊويزن جي ٽن ضلعن سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪيءَ لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر ڊويزن ۾ قائم ڪيل 2203 پولنگ مان سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 464 پولنگ اسٽيشنن کي انتهائي حساس، 1199 حساس ۽ 540 پولنگ اسٽيشنن کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، سکر ضلعي ۾ 124 انتهائي حساس، 249 حساس ۽ 274 نارمل پولنگ اسٽيشنون هونديون، اهڙي طرح خيرپور ضلعي ۾ 212  انتهائي حساس، 419  حساس ۽ 266  نارمل پولنگ اسٽيشنون هونديون، گهوٽڪي ضلعي ۾ 128  انتهائي حساس، 531 حساس  پولنگ اسٽيشنون هونديون. مجموعي طور تي سکر ۾ 647، خيرپور ۾ 897 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 659 پولنگ اسٽيشنس قائم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته 12767 پوليس آفيسرز ۽ اهلڪار امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. اهڙي طرح ڊويزن اندر 1509 رينجرز جا جوان ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.