سکر (بيورو رپورٽ) ايڪسائيز پوليس پاران چرس ڪيس ۾ گرفتار نوجوان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ وڪيل معرفت ايڪسائيز پوليس خلاف درخواست داخل ڪرائي ورتي، اِن ڏس ۾ 2 مھينا اڳ سکر ايڪسائيز پوليس پاران 200 ڪلو چرس ۾ گرفتار ڄاڻايل بلوچستان سان تعلق رکندڙ ارباز علي پنھنجي وڪيل عمران شمسي معرفت سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته سکر ايڪسائز پوليس پاران ارباز علي کي عباس علي ڄاڻائي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آھي، جڏھن ته ارباز علي جي تعليمي سرٽيفڪيٽن توڙي سرڪار پاران جاري ڪيل بي فارم تي عمر 14 سال آھي ۽ پوليس سندس نالو عباس علي ۽ ٽرڪ ڊرائيور ڄاڻائي 200 ڪلو چرس جو ڪيس لڳايو آھي، جڏھن ته ھو ڊرائيورنگ ناھي ڪندو.